SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مائو مت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مائو مت

Maoism

مائو ازم

هيءُ ڪميونزم جي نظريي جو چيني قسم آهي، جيڪو 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪن ۾ چين جي سياسي وهنوار کي هلائڻ لاءِ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي چيئرمئن ۽ سام-واد جي حامي ’مائوزي تونگ جو فڪر‘The Thoughts of Chairman Mao نالي ڪتاب ۾ شايع ٿيو. ان فڪرکي چيني سام-واد (Communism) جي جديد تشريح چيو وڃي ٿو. ان نظريي مطابق سرڪاري ڪميونسٽ جماعت کي ڪنهن به تنقيد کان آجو قرار ڏئي، عوام سان سڌو رابطو رکڻ ۽ انهن جي مسئلن کي ٻڌڻ هو. هن نظريي مطابق ٻهراڙين ۾ رهندڙ هاري، شهر جي رهاڪو پورهيت (پرولتاري طبقي) کان وڌيڪ بهتر انقلابي جدوجهد ڪري سگهن ٿا. هن نظريي جي اهم نُڪتي مطابق سوشلسٽ انقلاب، اُسريل مُلڪن کان پهرين غريب مُلڪن ۾ آڻڻ وڌيڪ اهم هو. ان نظريي ڪلاسيڪل ڪميونزم جي تصور ۾ نئون واڌارو ڪيو ۽ ننڍي پئماني تي تنظيمون جوڙڻ يا نظرياتي بُنياد تي گڏيل اقتصادي ايڪو (Economic Unit) قائم ڪرڻ جي حمايت ڪئي. ’مائوءَ‘ جو فڪر سڄي دُنيا جي انقلابي ذهن رکندڙن لاءِ پرڪشش خيال هو، تنهنڪري ان نظريي کي پوري دنيا ۾ شهرت نصيب ٿي ۽ ان نظريي جرمني، فرانس ۽ آمريڪا جي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن تي وڏو اثر وڌو. 1968ع ۾ پيرس جي شاگردن ۾ پڻ اهو نظريو بيحد مقبول ٿيو. هي نظريو مائوءَ کان پوءِ واري چيني ڪميونسٽ اڳواڻ ڊينگ زيائو پنگ جي مرتيي پُڄاڻا چين ۾ ته نه رهيو، پر اڄ به پيرو، انڊيا ۽ نيپال ۾ سُڃاڻپ ۽ سگهه رکي ٿو


Remember Me Also:

اڀڌان

ذ. [سن. اَڀِڌان] لغت ، فرهنگ ،ڪوش ، ڊڪشنري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal